SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Complex Emergencies

(click word to listen sound
  • 🔊
  • kəmpleks
  • iməːdʒənsiz
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Complex Emergencies

ڪامپليڪس ايمرجنسيز

گهڻ پاسائيون هنگامي حالتون

عام طور ”سياسي“ ۽ ”مستقل“ نوعيت جي هنگامي حالتن لاءِ استعمال ٿيندڙ هي اصطلاح 1980 جي ڏهاڪي ۾ خاص طور آفريقي ملڪن ۾ آيل ڊگھن ڏڪارن ۽ بدحالين جي حوالي سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو حصو رهندو آيو آهي، جيڪو ڏڪار ٻين ۽ انساني المين بابت نون تصورن کي جنم ڏئي ٿو. اهڙين حالتن کي عام رواجي اصطلاحن :”قدرتي آفتن“ ۽ ”معاشي بحرانن“ سبب پيدا ٿيل بدحاليءَ جي ذريعي چٽو ۽ پڌرو نٿو ڪري سگھجي ، ڇاڪاڻ ته بحران هيٺ آيل ملڪن ۾ لاڳو ڪيل سياسي نظام ۽ نظريا انهن سڀني المين جي تَهَه ۾ موجود آهن .انهيءِ ڪري ”مُنجھيل هنگامي حالتن“ جو اصطلاح واضح ٿو ڪري ته مُتاثر ٿيل علائقن ۾ ڏڪار هڪ پيچيده سماجي ۽ سياسي صورتحال آهي جنهن کي عام رواجي طريقي سان امداد ڏيڻ واري عمل ذريعي حل نٿو ڪري سگھجي. بلڪ ان جي ابتڙ مستقل ٿي ويل بحراني صورت ۽ سياسي، ٽيڪنڪي، سماجياتي ۽ علائقائي حوالي سان اهڙا اپاءُ وٺڻ کپن جو ڏڪار ۽ مصيبتن جو مستقل علاج ممڪن ٿي سگھي.


Remember Me Also:

لڙڪڻ

لَڙڪَڻُ

مصدر. (سن. لَڊ= لڙڻ) لٽڪڻ، ٽَنگجڻ، ٽَنگيو رهڻ، لُڏڻ، لڙي پوڻ. ڦاهو کئڻ. جهلجڻ، قابو ٿيڻ، ڦاسجڻ . لاڙو رکڻ، مائل ٿيڻ. لڳو رهڻ، چنبڙيو رهڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal